اسلام آباد – 03 جن??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان ۾ سم??ري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽ?? ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ ??ي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.
ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی