ل??هو?? – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ل??هو?? قلعه (يونيسڪو عالمي ورثي) جي اهم حصي پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جو دورو ڪيو، صدر جو استقبال پاڪستان بابت آغ?? خان ڪائونسل جي صدر حافظ شير علي، والڊ سٽي آف ل??هو?? اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪامران لاشاري ۽ آغ?? خان ڪلچرل سروس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر خواجه توصيف احمد ڪيو. شاهه برج گيٽ (هاٿي پول) سان گڏ واقع اها پڪچر وال قلعي جي اصل نجي داخلا ٺاهيندي آهي، ان ديوار کي شڪار ۽ جنگ جي منظرن، مختلف تشبيهن، جانورن، پکين، جاگرافيائي ۽ گلن جي تصويرن سان نهايت عمدي طريقي سان سجايو ويو آهي. اها ديوار تقريبن 400 سال اڳ مغل دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا جي سڀ وڏين ديوارن مان هڪ آهي. اها ديوار نقشين گليزڊ ٽائل تي ٻڌل موزائيڪ جي ڪم سان زردوري استرڪاري رنگ ڪيل چن جي پلستر ۽ ڪٽيل سرن سان تعمير ڪئي وئي آهي،. مغليه زماني جي نفيس ۽ پيچيده ڪم ۾ انتهائي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي اسلامي تاريخ جي اهم حصي کي محفوظ ڪرڻ جي سخت ڪوششن کي ڀرپور ساراهيو. پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جي تحفظ جو ڪم ڪلچر بابت آغ?? خان ٽرسٽ ۽ ملڪ ۾ ان جي گڏيل اداري آغاز خان ڪلچر سروس پاڪستان والڊ سٽي آف ل??هو?? اٿارٽي جي تعاون سان انجام ڏنو آهي. آغاز خان ٽرسٽ براءِ ڪلچر جو ڌيان سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز جي مادي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي بحالي تي آهي، ان ۾ آغ?? خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر، آغ?? خان هسٽورڪ سٽيز پروگرام، آغ?? خان ميوزڪ پروگرام، آن لائين ريسورس Archnet.org هاروڊ يونيورسٽي ۾ آغ?? خان پروگرام فار اسلامڪ آرڪيٽيڪچر ۽ ميسوچيسٽ?? انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. 2007ع کان آغ?? خان هسٽورڪ سٽيز پروگرام والڊ سٽي آف ل??هو?? جي بحالي ۽ مغل دور جي ان يادگار کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم پنجاب حڪومت ۽ والڊ سٽي آف ل??هو?? اٿارٽي جي حصيداري سان شروع ڪيو جنهن ۾ مسجد وزير خان ۽ شاهي حمام جي بحالي جو ڪم به شامل هو.
صدر پاران لاهور قلعي جي اهم حصي پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جو دورو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز