اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ??رو??ت آهي، شخص، معاشري ۽ رياست کي عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪتاب ”دختران پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل هفتي عورتن سان ٿيندڙ ٻن واقعن سان تمام گهڻي تڪليف پهتي، مسلمان معاشري ۾ عورتن کي خاص مق??م حاصل آهي، اسلام ۾ عورتن جي احترام جي خاص تلقين ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عورتن جي تحفظ لاءِ شخص، رياست ۽ معاشرو پنهنجي ذميواري ادا ڪري، عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ??رو??ت آهي. صدر چيو ته عورتن جي معاشرتي تحفظ بابت قانون موجود آهن، عملدرآمد جي ??رو??ت آهي، ترقي يافته قومن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بلند همت ۽ حوصلو ??رو??ي آهي. هن چيو ته سماج?? ۽ ??عاشرتي ترقي جي لاءِ عورتن جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته معاشري جي اصلاح ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن کي ??راثتي حق ملڻ گهرجن، ان حوالي سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ بهترين فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امدادي رقم انهن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ويندي. هن چيو ته بئنڪن عورتن کي ??رض ڏيڻ جي لاءِ رقم مخصوص ڪئي آهي پر تمام گهٽ عورتون ان مان فائدو کڻن ٿيون. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان قومون ٺهنديون آهن، عورت کي صحيح مقام ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ اسان جو مقصد آه?? ۽ ??عاشري کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي خبرن جي ڀرمار آهي. تقريب کي ??وسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وومين ڊيولپمينٽ واري صوبائي وزير آشفه رياض فتيانه، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز، عالمي اسلامڪ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي ۽ سميعه راحيل قاضي پڻ خطاب ڪيو.
عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ