اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي دعويٰ ??هڙي بنياد تي ڪري رهي آهي، عوامي نمائندن جي چونڊ لاءِ پئسي جو استعمال ٿيو ته اها ايندڙ نس??ن سان زيادتي هوندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پئسي جي زور تي اليڪشن وڙهڻ چاهين ٿيون، ووٽ جي خريداري پاڪستان جي سياست کي ??باهه ڪيو، پي ٽي آءِ ان ڪلچر کي ??تم ڪندي، شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ووٽ جي خريد ۽ وڪري پاڪستان ۾ سياست کي ??باهه ڪيو، پئسي جي زور تي ايندڙ عوام جا حقيقي نمائندا نٿا ٿي سگهن. هن چي?? ته اسان جي ڪوشش آهي ته معاشري مان ڪرپشن جو خاتمو ٿئي، پيپلزپارٽي ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي نظريي جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو جنهن صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني بينظير ڀٽو جي ميثاق جمهوريت جي خلاف موقف اختيار ڪيو ۽ ميثاق جمهوريت کي ??ديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هن چي?? ته پيپلزپارٽي وٽ پنهنجو اميدوار کٽرائڻ لاءِ گهربل انگ نه آهي ته اها ڪهڙي بنياد تي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي دعويٰ ??ري رهي آهي. هن چي?? ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪرپشن سياسي خريد ۽ وڪري ۾ استعمال ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2013ع ۾ به جدوجهد ڪئي، حڪومت اهڙو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تي هر ڪو هلي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، عوامي نمائندن جي چونڊ ۾ پئسي جو استعمال ٿيو ته اها ايندڙ نس??ن سان زيادتي هوندي. هن چي?? ته پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي دعويٰ ??ري رهي آهي، پيپلزپارٽي ڪرپشن سان ڦريل دولت جي خزاني جا منهن کولي ڇڏيا آهن ۽ ٻوليون لڳي رهيون آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر