لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار ع??مان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جن??ن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود قريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي وزير ع??مان بوزدار ??يو ته پاڪستان جا ??دارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو ته قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا ??يرخواه نه آهن.
ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين: عثمان بوزدار/ شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری