اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن م??جب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 908 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 متاثر مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 150، پنجاب ۾ 10 هزار 371، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 615، اسلام آباد ۾ 4 هزار 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزا?? ڪشمير ۾ 476 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان ص??تي??ب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 12 هزار 638 ٿي چڪو آهي، آزا?? ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هزار 108 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن