اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا اي سي ايل ۾ وڌل 172 ماڻهن جي نالن تي نظرثاني جي لاءِ معاملو اي سي ايل جائزه ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ججن جي اضافي، غربت مٽائو ادارن کي گڏ ڪري غربت مڪائو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ، ڳڙهه جي پي??او??ر ۽ ايڪسپورٽ تي لاڳو پابندي هٽائڻ، بي آر ٽي پشاور جي لاءِ 123 ملين يورو جو قرض، تيل ۽ گئس جي ڊرلنگ جي لاءِ هيوي مشينري تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منطوري ڏئي ??ڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس دوران وزيراعظم ع??ران خ??ن مهانگائي تي نوٽيس ورتو ۽ ڀاڄين، ميون ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ عملي قدمن تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر