سان يا – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سميت پولٽ بيورو جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي جي معاونت پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. وزيراعظم ??در شي کي عوامي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ سال دوران انهن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. وزيراعظم ??رقي جي لاءِ ايشيا کي وڌيڪ اوپن بڻائڻ جي صدر شي جي عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ