واشنگٽن -25 نومبر (اي پي پي) آمريڪ?? نئين چونڊيل صدر ڊونلد ٽرمپ پنهن??ي ڪابينه لاءِ 02 عرب ڄاوا آمريڪي نامزد ڪيا ??هن. جيڪي جنوري ۾ سندس حلف کڻڻ کانپوءِ ذميواريون سنڀاليندا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽر جينيٽ نيشيوات آمريڪا جو سرجن جنرل ٿيندو ۽ ڊاڪٽر مارٽي ميڪيري فوڊ اينڊ ڊرگ انتظام??ا جي اڳواڻ طور خدمتون سر انجام ڏيندا. انهن مقررين جي عرب آمريڪن فار ٽرمپ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر بشرا باهباه واکاڻ ڪئي آهي. جنهن اڳوڻي صدر کي آمريڪا ۾ ترسيل اٽڪل اڌ عربن جي ووٽ ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي جنهن سبب هو نائب صدر ڪملا هيرس کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن چيو ته اسان ڊونلڊٽرمپ پاران ڪيل نامزدگين تي خوش آهيون جنهن ۾ پهريون ڀيرو ٻه عرب ڄاوا آمريڪي به انتظام??ا جو حصو بڻجي رهيا ??هن. هن چيو ته اها ڊونلڊ ٽرمپ پاران عرب ڄاون آمريڪين ??ي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جو ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا