تهران- 05 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل جي حملن جو فيصل??ئت?? ۽ مضبوط جواب ڏينداسين. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت خلاف اسان جو جواب مضبوط ۽ فيصل??ئت?? هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سندس ملڪ پنهنجي قو??ي سلامتي، علائقائي سلامتي يا خود??خت??اري کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به مداخلت يا حملي جو پنهنجي پوري طاقت ۽ سخت ترين انداز ۾ جواب ڏيندو. هن واضح ڪيو ته جيستائين غزه پٽي ۽ لبنان ۾ اسرائيل جا حملا جاري رهندا ته خطو بدترين عدم تحفظ ۽ جنگ جي دائرڪار ۾ واڌ جو شڪار رهندو. انهن جاري ڏوهن کي روڪڻ لاءِ علائقائي سطح تي ۽ ان جي ٻاهرن قدمن ۽ ڪوششن جي هميشه حمايت ڪئي آهي. واضح رهي ته ايران جو اهڙو بيان اهري وقت سامهون ايو اهيجڏهن ايراني ليڪس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪي صدارتي چوندن بعد تهران اسرائيل جي هوائي حملي جو جواب ڏيندو.
اسرائيل کي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ڪنداسين: ايران
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔