گڏيل قومون _ 31 مئي (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن خ??ص طورتي فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ ۽ بيت المقدس جي تحفظ لاءِ او آئي سي ج?? ڪوششن تي کيس خراج ??قيدت پيش ڪيو آهي . گڏيل قومن جي 193 رکني جنرل اسيمبلي روايتي طورتي ڪنهن به ان عالمي اڳواڻ کي خراج ??حسين پيش ڪرڻ لاءِ سيٽ جو اهتمام ڪندي آهي ، جيڪو پنهنجي مو?? جي وقت رياست جي سربراهه جي عهدي تي مقرر هوندو آهي . جنرل اسيمبلي جي ان سيٽ تي پاڪستان جي سفير منير اڪرام چيو ته مرحوم صدر جي قيادت ، دانشمندي ۽ اتفاق رائي جي سياست جي بدولت ، او آئي سي جي ٻين اڳواڻن جي مسلسل حمايت سان تنظيم عالمي امن ، سلامتي ، خوشحالي کي هٿي ڏيڻ سان مربوط ۽ مو??ر قوت بڻج?? وئي آهي . جنرل اسيمبلي ۾ مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي خراج ??قيدت پيش ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ بعد سندس خدمتن تي خراج ??قيدت پيش ڪيو ويو پر آمريڪا مرحوم صدر رئيسي تي انساني حقن جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو .
پاڪستان طرفان گڏيل قومن ۾ فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي مرحوم ايراني صدر کي خراج عقيدت ، آمريڪا جو تقريب ۾ بائيڪاٽ
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر