باڪو – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف آذربائيجان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دور?? تي باڪو پهتو، آذربائيجان جي نائب وزيراعظم علي احمدوف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن باڪو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سندس والهاڻو استقبال ڪيو. ٻن ٻارن وزيراعظم ۽ بيگم ڪلثوم نواز ??ي گلدستا پيش ڪيا. صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد نواز شريف جو هي آذربائيجان جو پهريون دورو آهي، وزيراعظم جو پرڏيهي م??املن وارو خاص مددگار طارق فاطمي سميت اعلي?? وفد به ساڻس گڏ آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف باڪو ۾ پنهنجي قيام دوران صدر الهام عليوف ۽ وزيراعظم آرٿر راسيزادي سان ٻه طرفي لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار