اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شموليت سان ٽه ڌريي واپاري نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سان ??ڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪن??ي چيو ته بيلاروس ۽ پاڪستان پرامن ذريعن جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڪنهن ٽئين ملڪ کي شامل ڪري پنهنجي واپاري حيثيت کي سگهه ڏئي سگهن ٿا. هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان پ??هنجي ڳالهين کي انتهائي تعميري قرار ڏين??ي چيو ته اهي ڳالهيون گذريل سال پاڪستان جي سندس دوري دوران رکيل دوستي جي بنياد کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي مرڪوز رهيون. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان ??ي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان ??ڏوگڏ لاڳاپن ۾ درپيش مشڪل وقت کان آگاهه آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته ڊيئر شريف توهان بيلاروس جي موقف کان آگاهه آهيو جيئن ته هو مسئلي جو پرامن حل جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ۽ بيلاروس جي صدر جو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔