رياض-16 فيبروري (اي پي پي)سعودي ??رب جي خادم حرمين الشريفين شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جسماني عضووڌا عطيئو ڪرڻ تي 200 مقامي شهرين ??ي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سعودي ??رب جي صحت واري وزارت پاران ان ڳالهه جو خاص اهتمام ڪيو ويندو ته ضرورت??ند مريضن کي رت يا جسماني عضون جن ۾ گردا، جگر ۽ ٻيا عضوا شامل آهن ٽرانسپلانٽ ڪيا وڃن.صحت واري وزارت پاران اهڙن ماڻهن جي سفارش ڪئي ويندي آهي جن ڪيترائي ڀيرائي رت جو عطيئو ڪيو هجي،وزارت جي ريڪاڊ سيڪشن ۾ بلڊ ڊونرز جو مڪمل ڊيٽا موجود هوندو آهي جنهن جي بنياد تي انهن کي ميڊل لاءِ نامزد ڪيو ويندو آهي.واضع رهي ته عضوا عطيئو ڪندڙن ۾ عورتون پڻ شامل آهن جن ??ي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا