رياض -28 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت مسجد نبوي ۾ سامان کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏ?? آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي، ته مسجد نبوي ۾ سامان جي حفاظت لاءِ 5 ضابطن جي پابندي ??ئي ويندي، وزارت بيان ۾ چيو آهي، ته زائرين پنهنجو سامان مسجد نبوي جي اندر کڻي وڃڻ ??ان پاسو ڪن ۽ هو پنهنجو سامان ٻاهر امانت گهر ۾ جمع ڪرائين. حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي، ته وڏي سائيز جا بيگ مسجد نبوي اندر کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي. وزارت مطابق زائرين جي سهولت لاءِ ٻاهرين صحن م امانت گهر ٺاهيو ويو آهي جتي ننڍي سائيز جا بيگ محفوظ انداز ۾ رکي سگهجن ٿا.
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania