رياض -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ فلسطين جي عوام سان سندن حق حاصل ڪرڻ ل??ءِ گڏ بيٺل آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران غزه ۾ فوجي ڇڪتاڻ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب فلسطين جي قوم جي امنگن ۽ مطالبن کي حاصل ڪرڻ ۽ هڪ منصفاڻي ۽ جامع امن تائين پهچڻ ل??ءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي. ان کان اڳ هن مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ل??ءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد مصر جي صدر سان ڳالهائيندي فلسطيني ۽ اسرائيلي ڌرين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان سبب شهرين جي حياتين کي درپيش وڏن خطرن ۽ خطي جي استحڪام ل??ءِ خطرن تي ڳالهيون ڪيون. مصر جي صدارتي ترجمان چيو آهي، ته سعودي عرب جي ولي عهد سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن نازڪ مرحلي تي تحمل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ترجمان وضاحت ڪئي ته مصر ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايندڙ عرصي ۾ فلسطين مسئلي جي حوالي سان عربن جي ويزن جي تصديق ل??ءِ مشاورت ۽ هم آهنگي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اهو ويزن ٻه رياستي حل تي ٻڌل هڪ جامع ۽ منصفاڻي حل کي حاصل ڪرڻ جي چوڌري گهمي ٿو جيڪ?? گڏيل قومن جي ٺ??رائن موجب آهي.
فلسطين جي عوام طرفان حق حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں