گڏيل قومون- 19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل ف??سط??ن ۾ اسرائيلي اختيارين هٿان انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مسجد اقصيٰ ۾ مسلسل اشتعال انگيزي کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري ۽ عالمي قانونن ۽ وچ اوڀر تڪرارن تي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته ٻه رياستي حل ئي اسرائيلي ف??سط??ن تڪرار جو واحد حل آهي. هن اسرائيلي وزيراعظم بنيا مين نيتن ياهو کي قيادت ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي حڪومت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسرائيلي قيادت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي ٻه رياستي حل جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال نه آهي ته والاريل ف??سط??ني سرزمين ۾ اسرائيلي يهودي وستين لاءِ ف??سط??نين جي زمينن ۽ جائيدادن تي قبضا، معصوم ف??سط??ني ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن خلاف تشدد، غزه جي ناڪابندي ۽ بيت المقدس ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جهڙي اسرائيلي قيادت جا قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انساني همدردي جي قانونن سميت عالمي قانونن جون سنگين خلاف ورزيون آهن. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس پاڪستان سميت 90 کان وڌيڪ ملڪن جي ان بيان تي صحيح جي ڏس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد کانپوءِ ف??سط??ني عوام، قيادت ۽ سول سوسائٽي خلاف اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن تي ”گهر?? ڳڻتي“ جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو ف??سط??ن تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي خلاف انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي قانوني راءِ جا منتظر آهيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته انصاف جي عالمي عدالت جي راءِ والاريل ف??سط??ني علائقن ۾ اسرائيل جي ڏوهن لاءِ جوابدهي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گذريل سال دوران اسرائيلي ڪاررواين ۾ وڏي تعداد ۾ ف??سط??ني ماريا ويا، هن اسرائيل طرفان مسجد اقصيٰ سميت اسلامي ۽ عيسائي مقدس ماڳن جي خلاف جاري جارحيت ۽ اشتعال انگيزي ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
سلامتي ڪائونسل فلسطين ۾ اسرائيلي اختيارن جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا