اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڍانچيوار سڌارن جي شروعات ڪري چڪا آهيون، آمدني ۽ کپت موجب ٽيڪس جي ادائيگي يقيني بڻائڻ لا??ِ ڪم جاري آهي، ٽيڪس ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن کي ساڍا 13 سيڪڙو تائين آڻڻ آهي، ٽيڪسن بابت اهي هدف اسان کي ٽن سالن ۾ حاصل ڪرڻا آهن. اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ ۽ ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته سڌارن واري ايجنڊا ۾ ٽيڪسيشن جو اهم ڪردار آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي موجوده شرح 9 کان 10 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي، حڪومت ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي هدفن کي 13 سيڪڙو کان مٿي وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. محمد اورنگزيب چيو ته ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لا??ِ قدم جاري آهن، شفافيت لا??ِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيا آهيون ته جيئن انساني مداخلت کي هيٺين سطح تائين آڻي سگهجي. هن چيو ته اسان روينيو هدفن کي حاصل ڪرڻ لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد دور ۾ شفافيت لا??ِ ڊجيٽلائيزيشن جي وڏي اهميت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جيڪو ٽيڪس بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪي?? آهي، ان جو مقصد آهي ته نان ڊڪليئريشن يا انڊر ڊڪليئريشن، يا طرز زندگي کي ٽيڪسن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي، ان فارمل سيڪٽرز کي فارمل سيڪٽرز ڏانهن منتقل ڪي?? ويندو، ٽيڪس پيئرز کي تنگ نه ڪي?? ويندو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائيزيشن آڻي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪي?? پيو وڃي، ته جيئن ڪرپشن جي شڪايتن کي به گهٽ ڪري سگهجي، نظام ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ جو مطلب ڪرپشن ۾ گهٽتائي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مارچ ۾ جڏهن اسان حڪومت جو سفر شروع ڪي?? ته انهي وقت هي سسٽم ڊزائين ڪرڻ تي ڪم شروع ڪي?? ويو هو، هاڻي اسان ان جي تڪميل جي ويجهو آهيون، ديانتداري سان ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌيڪ بار کان بچائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ٽيڪس گيپ ۽ ليڪيجز کي روڪڻ تي ڪم ڪي?? پيو وڃي ته جيئن عام ماڻهن تي وڌيڪ بار نه پوي. محمد اورنگزيب چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن آئون سيالڪوٽ چيمبر ۾ هئس، چيو هو ته اسان ڪڪڙين ۽ دالين جي قيمتن جو جائزو ورتو هو، ته جڏهن ٽرانسپورٽيشن ۽ ٻين شعبن ۾ قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ته ان ٻنهي آئٽمز جون قيمتون ڇو وڌي رهيون آهن، ان کانپوءِ اسان چيف سيڪريٽرين ۽ صوبن کي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪڪڙ ۽ دال جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سيلز ٽيڪس جو جيستائين تعلق آهي، ته ايف بي آر چيئرمين سمورين انڊسٽريز ۾ وڃي کين ان حوالي سان آگاهه ڪي?? هو، سمورن سيڪٽرز ۾ گورننس بهتر بڻائي وئي آهي. ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته مالي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ لا??ِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ گورننس جو معيار بهتر ڪي?? ويو، انهي سبب مهانگائي ۾ ساڍا 6 سالن جي تاريخي گهٽتائي اچي چڪي آهي، پنهنجي ٽيڪس جي وسيلن کي مناسب حد تائين وڌائڻو آهي ۽ کين برقرار رکڻو آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته صرف پگهاردار طبقو ۽ صنعتون ئي ملڪ جو بار نه کڻن، پر هر شعبو پنهنجي صلاحيت ۽ حصي موجب ٽيڪس ڏي. اسان چاهيون ٿا ته سمورن شعبن کي فارمل سيڪٽر جو حصو بڻايو وڃي، ان لا??ِ اسان کي نادرا ۽ ٻين اسان جي دوستن ڊيٽا فراهم ڪئي آهي، جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو ته ٽيڪسن جو مجموعي خال 7 هزار ارب روپين کان وڌيڪ آهي، اداري جي صلاحيت ۾ اضافو ڪي?? پيو وڃي، 27 لک ماڻهو پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن، ٽيڪس نظام ۾ جديد ٽولز متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته ٽيڪس ادائيگي لا??ِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي، اسان هڪ لک 90 هزار ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، ان کانپوءِ 38 هزار ماڻهن ريٽرن فائل ڪري ڇڏيو، ٽيڪس وصولي ۾ اسان جو فوڪس ٽاپ 5 تي آهي. اي پي پي/م – ش/ر – م 15:47
سڌارن جي شروعات ڪري چڪا آهيون: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا