اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورين قوميتن کي برابر حق فراهم ڪري ٿو، باني پاڪستان قائداعظم ??حم?? علي جناح پڻ اقليتن کي برابر حقن جي فراهمي جي ??اطري ڪرائي، اقليتي برادري جي پراڻي مطالبي تي قانون واري وزارت اڳ ۾ ئي قومي اقلي??ي ڪميشن قائم ڪرڻ جو مسودو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي لاءِ خوشخبري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) جي ??عاون سان ”دي اسلام آباد ڪرسچين فيلوشپ“ جي ??هتمام هيٺ ڪرسمس جي ??والي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران جوڙيل ون مين مينارٽي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شعيب سڊل، قومي اسيمبلي جي ??ڳوڻي ميمبر آسيه ناصر، اڳوڻي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي ??فير ڊاڪٽر ظهير ??حم?? حمدالله زيد خصوصي طور تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته مسيحي برادري پاڪستان جي ??عمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت اقليتن جي ??قن جي ??حفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مسيحي برادري جي لاءِ ڪرسمس جي موقعي تي خوشي جي ??بر پڻ شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته اقليتن جي پراڻي مطالبي تي پهرين قومي اقلي??ي ڪميشن جوڙي پئي وڃي جنهن کي گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اهو مسودو جلد پيش ڪيو وي??دو. هن چيو ته هي پهرين قومي اقلي??ي ڪميشن مڪمل بااختيار هوندي ته جيئن قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ”دي اسلام آباد ڪرسچين فيلوشپ“ کي ان ڪامياب تقريب منعقد ڪرڻ ۽ مسيحي برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اعظم نذير تارڙ ان موقعي تي غزه جي مظلوم فلسطينين سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جي ??ل فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي لاءِ ڏکويل آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ مهتمم ڪيپٽن (ر) بابر برنارڊ مسيح وفاقي وزير ۽ ٻين مهمانن جي ??قريب ۾ شرڪت جي ??جيان ڪئي ۽ هڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اقليتي برادري خاص طور تي مسيحن جي ڪردار تي روشني وڌي وئي.
دستاويزي فلم ۾ ڊاڪٽر ايس ڪي ٽريسلر، گروپ ڪيپٽن (ر) سيسل چوڌري (ستاره جرئت)، ميجر جنرل (ر) کوکر (هلال امتياز)، اڳوڻي ايس ايس پي پوليس روبن يامين سهوترا، ڊاڪٽر روٿ فائو، ڊاڪٽر شيلا چائو، برگيڊيئر (ر) ڊاڪٽر رابرٽ ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ آفيسرن کانسواءِ صحت، تعليم، ائٽمي توانائي، سول سروس ۽ ٻين نمايان شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي نمايان ڪارنامن جي ??ڪاسي ڪئي وئي. تقريب کي بشپ آزاد مائيڪل ۽ ڊاڪٽر شعيب سڊل پڻ خطاب ڪيو. مقررين بين المذاهب هم آهنگي جي ??هميت تي روشني وڌي ۽ تاريخي حوالا ڏنا. ان کان اڳ ڪرسمس جي ??والي سان ٽيبلو، ڪيرولس ۽ مذهبي گيت پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ تقريب جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. منتظمين پاران معزز مهمانن کي شيلڊز ۽ گلدستا پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب جي پڄاڻي ملڪ ۽ قوم جي ??رقي ۽ خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿي.