اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ??اءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ڌرين سمورن عالمي تڪرارن کي پرامن طريقي سان ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان ۽ بيلاروس جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، دوري دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جو جامع جائزو ورتو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي، سماجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ بيلاروس جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 30هين سالگرهه ملهائي وئي، ڌرين تسليم ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ پائيدار، وسيع البنياد ۽ وڌندڙ اهميت جي جامع حصيداري ۾ وڌيا آهن. پاڪستان بيلاروس کي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ مڪمل ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏني، بيلاروس ان سلسلي ۾ پاڪستان جي جلد حمايت کي نوٽ ڪيو. وزيراعظم هن سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي ??يزباني ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ بيلاروس جي ??زيراعظم جي ??عال شرڪت کي ساراهيو. ڌرين پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ ان اهم فورم جي اندر گڏجي ڪم ڪ??ڻ تي اتفاق ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ بين الپارلياماني لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هنن واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ، علائقائي اقتصادي انضمام ۽ رابطن جي ??اءِ گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي آسان بڻائڻ جي ??اءِ قانوني فريم ورڪ کي وڌائڻ تي پڻ ڌيان ڏنو. بيلاروس جي جديد زرعي پيداواري صلاحيتن ۽ پاڪستان جي زراعت تي ٻڌل معيشت جي ضرورتن کي تسليم ڪندي ڌرين زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ گڏيل منصوبا قائم ڪ??ڻ کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ هاءِ ٽيڪ ۽ وڏي پئماني تي زرعي مشينري جي ??يداوار شامل آهي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي طرفن کان بشمول ٻنهي ملڪن جي ??جي ۽ عوامي تنظيمن جي ??چ ۾ حصيداري جي ذريعي گاڏين جي ??ڪري، مينوفيڪچرنگ ۽ سروسنگ ۾ تعاون تي پڻ اتفاق ڪيو، ان قدم جو مقصد آٽو موٽو مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ٻنهي ملڪن جي طاقتن مان فائدو کڻڻ، صنعتي ترقي ۽ جدت کي وڌائڻ آهي. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي ??ختلف شهرن ۾ پاڪستاني نجي ۽ عوامي تنظيمن سان حصيداري جي ذريعي بيلاروسي زرعي مشينري جي ??ڪري ۽ خدمتن جي ??يٽ ورڪ کي وڌائڻ ۾ تعاون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وڌيڪ اهو ته هنن زرعي مشينن جي تياري جي شعبي ۾ تعليمي پروگرام شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو. دوري دوران ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري بيلاروسي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي تعاون سان بيلاروس – پاڪستان بزنس فورم منعقد ڪيو. ان تقريب ۾ بيلاروس جي 30 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اٽڪل هڪ سئو پاڪستاني هم منصبن شرڪت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فورم جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپاري رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي ??قصد سان ”هڪ ٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ“ جي سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن کي تعاون ۽ سيمينارز جي سيريز منعقد ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. جاري گڏيل بيان موجب ڌرين واپاري رابطن کي وڌائڻ جي ??اءِ نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن ۽ بيلٽا موزي سروس جي ??چ ۾ مفاهمت نامي تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين سميت ٻين ڌرين جي حوصلا افزائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته اهي هڪ ٻئي جي ??نڊين تائين سامان جي ??وثر پهچ جي ??اءِ بهترين سامونڊي ۽ زميني رستا تيار ڪن. ان قدم جو مقصد چرپر کي هموار ڪرڻ، خرچن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپار جي ??جموعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي بي پناهه صلاحيت کي تسليم ڪندي ۽ گذريل ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي ٻنهي ڌرين سائنسي برادرين جي ??چ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪ??ڻ تي اتفاق ڪيو. ڌريون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي گڏيل ڪميشن جي ڇتري تحت گڏيل سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جو ارادو رکن ٿيون. دوري دوران ان بهتر تعاون کي باضابطا شڪل ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ??اءِ ان ڏس ۾ ٻن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. ڌرين دوائن جي ??صنوعات، طبي اوزارن، صحت سان لاڳاپيل شين ۽ زائد الميعاد مصنوعات ۾ گڏيل واپار کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد واپاري رڪاوٽن جي ??شاندهي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ خاص طور تي ريگيوليٽري چئلينجز ته جيئن مارڪيٽ تائين پهچ کي هموار ڪري سگهجي جنهن جو مقصد واپار جي سهولت کي بهتر بڻائڻ آهي. وڌيڪ اهو ته ڌريون ترقي ۽ تعاون کي فروغ ڏيندي قومي ضابطن جي تعميل کي يقيني بڻائيندي انهن شعبن جي ??اءِ گڏيل مارڪيٽ تائين پهچ کي وڌائيندڙ پاليسين کي ڳولڻ ۽ انهن تي عملدرآمد جي ??اءِ پرعزم آهن. ڌرين ثقافتي مٽاسٽا جي ??روگرامن جي ??روغ، فن، موسيقي، ادب ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين جي ذريعي عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ سميت تعليم ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن تعليمي تعاون کي وڌائڻ، شاگردن جي ??ٽاسٽا ۾ سهولت فراهم ڪ??ڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ??ونيورسٽين جي ??چ ۾ گڏيل تحقيقي منصوبن جي حمايت جي ??اءِ پڻ وچن ڪيو. دوري دوران ڌرين 15 اهم معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون جن ۾ ”اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ جمهوريه بيلاروس جي ??چ ۾ 2025 – 2027ع جي ??دي جي ??اءِ جامع تعاون جو روڊ ميپ“ پڻ شامل آهي، اهو روڊ ميپ مختلف قدمن جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏي ٿو جن ۾ اعليٰ سطحي ۽ بين الحڪومتي ڪميشنز جي ??قت سر ملاقاتن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. ٻين اهم دستاويزن ۾ اي ڪامرس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ايڪريڊيٽيشن جي شعبي، آڊيٽنگ، مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي ??الي معاونت بابت مالياتي انٽيلي جنس جي ??ٽاسٽا ۾ تعاون کانسواءِ ٻطرفي واپار جي ڪسٽمز جي انگن اکرن جي ??ٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون، عالمي روڊ ٽرانسپورٽ، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، پيشيواراڻي تعليم جي شعبي ۾ تعاون شامل آهي. ان کانسواءِ حوالگي جو معاهدو، صحت جي خدمتن جي شعبي ۽ حلال واپار ۾ تعاون شامل آهي. گڏيل بيان موجب اميد آهي ته انهن انتظامن سان گڏيل فائديمند دوستي جي اصولن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي ??سلسل ترقي جا نوان امڪان کلندا. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان بيلاروس کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، ڌرين سمورن عالمي تڪرارن کي پرامن طريقن سان ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ تڪرارن ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي ڪري غزه جي ??ٽيءَ ۽ لبنان ۾ هڪ تباهي آڻيندڙ انساني بحران ۽ وڏي انگ ۾ شهرين جون فوتگيون ٿيون آهن. ڌرين غزه جي ??ٽيءَ ۽ لبنان ۾ دشمني جي ??وري، غيرمشروط ۽ مستقل خاتمي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ ۽ محفوظ پهچ کي يقيني بڻائڻ، زون جي توسيع جي خطري جي ??س منظر ۾ تحمل سان ڪم وٺڻ جو مطالبو ڪيو. پوري خطي جي ??اءِ امن، استحڪام ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته ڌرين فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ??راردادن موجب ٻه رياستي فارمولي جي بنياد تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪ??ڻ جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سفارتي ڪوششن ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏيندي يوڪرين جي تڪرار جي ??رامن حل جي بنيادي اهميت تي زور ڏنو. هنن چيو ته جاري تڪرار نه رڳو خطي پر عالمي استحڪام ۽ سلامتي جي ??اءِ پڻ ڏورس نتيجا رکندڙ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ۾ شامل سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي سمورن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ??اءِ ڳالهه ٻولهه ۽ پرامن ذريعن کي ترجيح ڏين. هنن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيندڙ قدمن جي حمايت جي ??اءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني عوام ??ا گرمجوشي سان مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ وزيراعظم کي مناسب وقت تي بيلاروس جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي وزيراعظم قبول ڪري ورتو.
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش