اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي و??قعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ا??ن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪند?? هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، 46 سالن جي شهيد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي دنيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي و??ي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پور?? قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر