اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان ??ي توانائين کي مثبت رخ ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ راندين جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ??ا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان ??اندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم سان ڊيره اسماعيل خان ??ان ??علق رکندڙ ۽ ويجهڙ ۾ گينز بڪ آف ورلڊ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پنج سالن جي سفيان محسود ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سفيان محسود ننڍي عمر ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهي پاڪستان ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد ۽ لاڳاپيل عملدارن کي نوجوانن کي راندين جون وڌيڪ سرگرميون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي توانائين کي ڪتب آڻڻ لاءِ راندين جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ??ا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان ??اندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي سفيان محسود چيو ته مستقبل ۾ سائنسدان ??ڻجي پاڪستان ??و نالو روشن ڪندس، وزيراعظم سفيان محسود سان ??ندس مادري ٻولي پشتو ۾ ڳالهايو. وزيراعظم سفيان محسود جي والد عرفان محسود سان ??ه ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو 100 کان وڌيڪ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ هولڊر آهي. مارشل آرٽس ۾ مهارت رکي ٿو ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ان ??والي سان ??ربيتي اڪيڊمي هلائي رهيو آهي. سفيان محسود جي والد عرفان محسود وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان ۾ راندين ۽ جسماني تربيت جي پنهنجي اڪيڊمي ۽ ان ??ي تربيت يافته رانديگرن جي ڪاميابين جي حوالي سان ??گاهه. وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سفيان محسود جي والد جي ڊيره اسماعيل خان ۾ راندين جي اڪيڊمي سان ??صيداري جي هدايت ڪندي چيو ته يوٿ پروگرام سڄي ملڪ ۾ مختلف راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وف??قي وزير عطا تارڙ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير ??زه فاطمه خواجه، راڻا مشهود احمد ۽ رومينه خورشيد عالم ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به شريڪ هئا.
وزيراعظم سان گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ قائم ڪندڙ پنجن سالن جي سفيان محسود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ