اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ڳا??هه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چي?? ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. ترجمان چي?? ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ۽ اسلامي ??عا??ن تنظيم جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن طرف ڇڪرايو ۽ ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2