اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو م??املن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت المسلمين جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ ڪرم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ڪرم جي علائقي ۾ پيش آيل ا??سو??ناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظها?? ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. محسن نقوي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ ا??سو?? جو اظها?? ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گ??وپ?? وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو م??بت ڪردار ادا ڪر??و آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪر?? جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ڪرم جي ٻنهي گ??وپ?? جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ۾ منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻيا شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.
وفاقي گهرو وزير پاران مجلس وحدت المسلمين جي وفد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب