خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍ?? جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪر?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قو??ي خدمت آهي ۽ قو??ي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳو?? پير گڊو جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراعظم متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر علائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر علائقن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍ?? جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچ?? جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏينهن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قو??ي خدمت آهي، قو??ي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم پاران ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی