اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 ۽ 10 نومبر ت?? سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب سان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) جي سياسي ۽ سلامتي بابت گڏيل ذيلي ڪم??ٽي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪندو. سر??اري مصروفيتن کانسواءِ پرڏيهي وزير مقامي ميڊيا ۽ ملڪ جي ٻين معززين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جي دوري سان سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ??يندا ۽ گڏيل مفاد ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال