اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ??يف اي ٽي ??يف جو اجلاس برلن ۾ جا??ي آهي، ??يف اي ٽي ??يف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جا??ي ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ??رڻ گهرجي، حڪومت پاڪستان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪيو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ ??يف اي ٽي ??يف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ??يف اي ٽي ??يف ايڪشن پلان تحت پاڪستان جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ??يف اي ٽي ??يف جي انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو جا??زو وٺندو، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي قومي ??يف اي ٽي ??يف رابطا ڪميٽي جي سربراهه به آهي، ان کان اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ پاڪستان جي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سياسي عزم کي اجاگر ڪيو. جرمني 13 کان 17 جون تائين برلن ۾ ??يف اي ٽي ??يف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن ??يف اي ٽي ??يف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ??يف اي ٽي ??يف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا پاڪستان پاران ڪيل شاندار اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
ايف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪيو ويندو: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک