اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چي?? آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪا??يابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪا??يج ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪا??يج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراعظم شهباز ش??يف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز ش??يف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪا??يابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪا??يابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز ش??يف چي?? ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چي?? ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت آهي.
دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números dupla sena