انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون و??ون. ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون و??ون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪ??ر وزارت ۽ پاڪستان ??ي مواصلات واري وز??رت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون و??ون. ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وز??رتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وز??رت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول ??ي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وز??رت ۽ پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري وز??رت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ ??ي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وز??رت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون و??ون. پاڪستان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪ??ون.
پاڪستان ۽ ترڪيءَ پاران مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo