اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، مل?? ۾ سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن، ا??ا ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن چيو ته جج جي??و به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته مل?? ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جي??ڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته مل?? ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته مل?? ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن
بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria