اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو آهي ته اهي گورننس، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين، بهتر ڪارڪردگي ۽ گورننس جي لاءِ آءِ ٽي جي مدد سان تيزي سان فيصلا ڪرڻ جي ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي 115 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي ??رڪت ڪندڙن کي ايوان صدر ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ??ن چيو ته سرڪاري ملازم گورننس، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين، بهتر ڪارڪردگي ۽ گورننس جي لاءِ آءِ ٽي جي مدد سان تيزي سان فيصلا ڪرڻ جي ??رورت آهي، عوام جي ??رڪاري ملازمن مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن. ??ن چيو ته سرڪاري ملازم عوام جي ??ميدن تي پورو لهڻ جي لاءِ ڪوششون ڪن، جديد علم سان گڏ ڪورس جي ??رڪت ڪندڙن جي وچ ۾ اعتماد ۽ تعاون جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ??رورت آهي. ??ن چيو ته جديد ترين انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي ذريعن جو استعمال حڪومت جي ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ??ن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، عورتن جي مالي خودمختياري، وراثت ۾ انهن جي ??ق جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. ??ن چيو ته عورتن کي هنرمند بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏيڻ جي ??رورت آهي، اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ ايميزون جي مدد سان تربيت فراهم ڪرڻ جو حڪومت?? فيصلو خوش آئنده آهي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي ملڪي وسيلن تي تمام گهڻو دباءُ وجهي رهي آهي، وڌندڙ آبادي جي مضمرات بابت آگاهي جي لاءِ عالم سڳورن ۽ ميڊيا جو تعاون ضروري آهي، ميڊيا ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ??ريعي صحت جي مختلف چئلينجز بابت آگاهي جي ??رورت آهي. صدر شرڪت ڪندڙن کي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن، ايوان صدر ۾ اي گورننس بابت آگاهه ڪيو، ريڪٽر اين ا??س پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ڪورس جي مقصدن تي روشني وڌي. ??ن چيو ته سول ملازمن جي ??ربيت کي نظم ۽ ضبط جي ??ديد ضرورتن جي ڏس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ??ن چيو ته اين ا??س پي پي گڏيل قومن جي ??قتصادي ۽ سماجي معاملن واري کاتي سان تعاون وڌايو آهي ۽ سرڪاري ملازمن جي ??هنيت تبديل ڪرڻ ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن کي تربيت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي.
سرڪاري ملازم گورننس، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين: صدر
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن