اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي لاءِ ميرٽ جو طريقيڪار اختيار ڪيو آهي، اسان کي ان تي فخر ڪرڻ گهرجي. صدر جم??ي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نيويارڪ ٽائ??ز جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏنو جنهن ۾ ڪجهه ملڪن ۾ قطار ٽوڙي وي آءِ پي، اشرافيه ۽ طاقتور ماڻهن کي جلدي ڪورونا جي ويڪسين لڳائڻ جي واقعن جو جائزو پيش ڪيو ويو. صدر ان صورتحال کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي پئي وڃ??، هن چيو ته ان جي ابتڙ پاڪستان ان طرز ??مل کان محفوظ رهيو جتي ماڻهن کي ميرٽ تي ويڪسين لڳائي پئي وڃ??. صدر چيو ته اهو ميرٽ وارو نئون پاڪستان آهي ۽ اسان کي ان تي فخر ڪرڻ گهرجي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام