اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ??اڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا پاران جي آءِ ٽي کي رياست جي طا??ت فراهم ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ جيڪڏهن انگلينڊ، پاناما، يو اي اي ۽ قطر مان ??اغذ حاصل نه ڪيا ته پوءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، جي آءِ ٽي پاناما جي جاچ ڪرڻ بدران حديبيه پيپرز جي جاچ ۾ لڳي وئي آهي، ماڻهن کي واعدي معاف گواهه بڻجڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، قطر ايئرلائين جي ٽڪيٽ سستي ترين آهي، جي آءِ ٽي جيڪڏهن پوري نه ٿي وڃي سگهي ته پنهنجي ميمبرن کي ئي قطر موڪلي قطري شهري جو بيان وٺي ها، شريف فميلي جي ڪاروبار جي حوالي سان قطري شهري جو خط ۽ ڊاڪيومينٽس ان حوالي سان اهم ترين آهن، جاچ جي لاءِ مدو مڪمل ٿيڻ کان ??جهه ڪلاڪ اڳ قطري شهري کي آخري خط لکڻ جو مطلب جي آءِ ٽي پنهنجي مدي ۾ واڌ چاهي ٿي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ڏئي ره??و هو. وزيراعظم جي ترجمان ??اڪٽر مصدق ملڪ چيو ته شريف خاندان پاناما دستاويز ڪيس ۾ عدل ۽ انصاف جي اميد تي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حق تان هٿ کڻي اخلاقي فرض ادا ڪندي پاڻ ک?? احتساب جي لاءِ پيش ڪيو پر جي آءِ ٽي جي آئين ۽ قانون کان مٿانهين طريقيڪار سان ??جهه شڪ پيدا ٿي ره??ا آهن.
وفاقي ڪابينا پاران جي آءِ ٽي کي رياست جي طاقت ڏني وئي آهي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ