اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ويزن 2025ع تحت پائيدار ترقي جا هدف ??اصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ اسان جي قوم?? پاليسي آ??ي، عالمي سطح تي اسان جي ذميداري آ??ي ته پائيدار ترقياتي هدفن لاءِ ڪم ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ويمن پارلياماني ڪاڪس جي اهتمام هيٺ جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي فروغ ۾ عورت پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار جي موضوع تي بين الاقوامي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم پوليو جي خاتمي واري سيل جي چيئرپرسن سينيٽر عائشه رضا فاروق، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری