غزه -24 سي??ٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان شروع ٿ??ل اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 13 سي??ٽمبر تائين 41455 فلسطيني شهيد، هزارين زخمي، لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، هڪ لک 70 هزار عمارت??ن تباه?? ٿي ويون، اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 60 سيڪڙو مسجدن، 90 سيڪڙو اسڪولن ۽ وڏي تعداد ۾ اسپتالن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ زرعي ايراضي ۽ روڊن کي تباهه ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا پاران جاري رپورٽ مطابق جنگ شروع ٿ??ڻ کان پهرين 365 ڪلوميٽر ڊگهي غزه پٽي ۾ 24 لک ماڻهو رهائش پذير هئا جنهن ڪري غزه ڌرتيءَ سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارن هنڌن مان هڪ هئي. جنگ شروع ٿ??ڻ کان پوءِ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 13 سي??ٽمبر 2024ع تائين غزه پٽي جون اٽڪل 59 سيڪڙو عمارت??ن تباه?? ٿي چڪيون آهن. آمريڪي محققن ڪوري شير ۽ جيمن وان ڊين هوڪ جي تجزيه ڪيل سي??لائيٽ تصويرن مطابق اهي اٽڪل 169000 عمارتن برابر آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي فراهم ڪيل انگن اکرن مطابق 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 41455 فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ وڌيڪ عام شهري آهن جيڪي مارجي ويا آهن. انهن انگن اکرن کي گڏيل قومن تسليم ڪيو آهي. جنگ کان پهرين اتر غزه جنهن ۾ اٽڪل 6 لک فلسطيني رهيل هئا، جو تقريبن ٽيون حصو عما??تو?? به تباه?? ٿي چڪيون آهن. مصر جي سرحد لڳ غزه کان ڏکڻ شهر رفح جو اٽڪل اڌ حصو تباه?? ٿي ويو آهي. انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي، ته اسرائيل سان غزه جي سرحدي علائقي جي 58 چورس ڪلوميٽر سان واقع 90 سيڪڙو عما??تو?? مئي 2024ع تائين مڪمل طور تباه?? ٿي چڪيون هيون ۽ انهن کي شيد نقصان پهتو هو. جنگ دوران اسرائيل غزه جي اسپتالن تي ڪيترائي حملا ڪيا. اسرائيلي فوج غزه ج سڀ کان وڏي اسپتال الشفا تي ٻه ڀيرا بمباري ڪئي، پهريون ڀيرو ان اسپتال تي نومبر ۾ ۽ ٻيو ڀيرو مارچ ۾ بمباري ڪئي وئي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مطابق ٻئي اسرائيلي حملي اسپتال کي انساني لاشن سان ڀري ڇڏيو. صحت واري عالمي اداري مطابق آگسٽ تائين غزه جي 36 اسپتالن مان صرف 16 يعني 44 سيڪڙو جزوي طور ڪم ڪري رهيون هيون. گڏيل قومن جي سي??لائيٽ سي??ٽر ۽ جاگرافيائي ڊيٽا بيس اوپن اسٽريٽ ميپ جي ڊيٽا مان به خبر پوي ٿي ته غزه جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مسجدن کي نقصان پهچايو ويو. اسرائيلي حملن غزه جي اٽڪل 85 سيڪڙو اسڪولن کي به نقصان پهچايو. 6 جولاءِ تائين غزه ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي انتظام هيٺ هلندڙ 477 اسڪولن کي به نقصان پهچايو ويو. جيڪي هن وقت 564 سهولتن جي انگ کان اٽڪل 85 سيڪڙو هئا، انهن مان 133 کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ ٻيا 344 سڌي ريت متاثر ٿيا آهن. سي??ٽمبر ۾ هنگامي حالتن ۾ تعليم لاءِ گڏيل قومن جي عالمي فنڊ، ايجوڪيشن جي ناٽ ويٽ چيو آهي، ته غزه جي اٽڪل 90 سيڪڙو اسڪولن جون عمارت??ن تباه?? ٿي چڪيون آهن. گڏيل قومن جي 27 آگسٽ جي سي??لائيٽ تصويرن مطابق اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 68 سيڪڙو يعني 102 چورس ڪلوميٽر زرعي ايراضي به تباه?? ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ اتر غزه جي 78 سيڪڙو زرعي زمين ۽ رفح جي 57 سيڪڙو زمين شامل آهي. ان کان علاوه غزه ۾ روڊن جي نيٽ ورڪ جو 58 سيڪڙو حصو تباه?? ٿي چڪو آهي. 18 آگسٽ تائين انگن اکرن مطابق يو اين او سي?? جي شروعاتي تجزئي مطابق اٽڪل 1190 ڪلوميٽر روڊ تباه?? ٿي چڪا آهن. 415 ڪلوميٽر تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ 1440 ڪلوميٽر کي معمولي نقصان پهتو آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش هلندڙ مهيني جي شروع ۾ جاري بيان ۾ غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب ٿيل تباهي کي ناقابل تصور قرار ڏنو هو. هن چيو ته پنهنجي عهدي جي مقرري واري عرصي کان پوءِ هن غزه ۾ مصيبتن جي سطح، فوتگين ۽ تباهي دنيا ۾ ڪٿي ناهي ڏٺي.
غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ 41 هزار فلسطيني شهيد، لکين بي گهر، مسجدن، اسڪولن ۽ اسپتالن سميت هڪ لک 70 هزار عمارتون، زرعي ايراضي ۽ روڊ تباهه ٿي چڪا آهن: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج