اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي ??ير??انوني ۽ غيرآئيني قدم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ اربع ڏينهن استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم عمران خان مظفرآباد ۾ قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪن??و ۽ مظفرآباد ۾ ئي ريلي جي قيادت ڪن??و. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي جي قيادت ڪن??و. شهر شهر گهٽيءَ گهٽي ان قدم خلاف ريليون ڪڍيون وينديون. بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي نشان پاڪستان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صدر، وزيراعظم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير، صدر، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جا خاص پيغام نشر ڪ??ا ويندا. وزيراعظم جي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب جي موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ ٽريفڪ روڪي ويندي. چئني صوبن گلگت بلتستان ۾ گورنرز ۽ وڏن وزيرن جي قيادت ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن??ي يڪجهتي واريُون ريليون ڪڍيون وينديون. ان ڏينهن کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي ??ير??انوني ۽ هڪ طرفي قدم ۽ ان جي آر ۾ هڪ سال ۾ ڪشمير ۾ جاري فوجي گهيراءُ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان آگاهه ڪرڻ آهي. صبح 10 وڳي سائرن وڄا??ا ويندا. گڏيل قومن جي مبصر مشن کي سيڪريٽري جنرل جي نالي ياداشت پڻ پيش ڪئي ويندي. پوسٽل سروسز واري وزارت پاران خصوصي پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم سان ناني جي شهادت کانپوءِ ان جي ميت جي مٿان ويٺل سندس ٽن سالن جي ڏوهٽي جي تصوير عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ ڇاپي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان خاص تقريبون ٿينديون. اهو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي. جڏهن ڪشميرين کان انهن جا بنيادي حق ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ مليل خاص حيثيت جي خاتمي جو ??ير??انوني ۽ هڪطرفو ق??م کنيو ويو.
ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر