اسلام آباد – 14 جون (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ 8 نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سمورن ملڪن سان ??ٺـ?? لاڳاپن جي بنياد تي قائم آهي. ڪالهه ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ا??شيا عالمي واپار جو مرڪز بڻجي رهيو آهي ۽ ايس سي او کي گهرجي ته ا??ا خطي سميت عالمي تڪر??رن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس