اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 78 هون پاڪستان جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو و??و، ڏينهن جو آغاز فجر جي نماز کان پوءِ ملڪي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. وفاقي گادي وار?? شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن ??ي سلامي ڏني وئي. سمورين اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ٿي ۽ پاڪ فضائيه جي چاڪ چوبند دستي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا، يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يوم پاڪستان جي مناسبت سان خصوصي پيغام جاري ڪيا، جڏهن ته قومي اخبارن 23 مارچ جي حوالي سان خصوص ايڊيشن شايع ڪيا ۽ ريڊ??و، ٽي وي تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا. وفاقي گادي وار?? شهر ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان شڪرپڙيان جي هنڌ تي هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو شاندار انعقاد ٿيو.
سڄي ملڪ ۾ 78 هون پاڪستان جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش