نيويارڪ _ 6 جون (اي پي پي ) پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا وڌندڙ اس??اموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. مسلمانن سان نفرت جي وڌندڙ لهر تي پاڪستان، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جي سينيئر سفارتڪارن اس??اموفوبيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومتن جي گڏيل عزم جو ورجاءِ ڪندي امن ، رواداري ۽ بين المذهب مڪالمي جي به وڪالت ڪئي . هو نيو يارڪ ۾ ترڪي جي قونصليٽ جنرل ۾ ٽنهي اس??امي ملڪن جي قونصل جنرلز جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد تقريب سان خطاب ڪ??ي رهيا هئا . پاڪستان جي قونصل جنرل عامر احمد اتوزائي پنهنجي خطاب ۾ اس??ام جي بنيادي اصولن ، شائستگي، صبر، همدردي ۽ برداشت تي زور ڏنو . هن انتها پسندن جي هڪ اقليت طرفان اس??ام جي غلط تشريح ۽ 11/9 جي واقعي بعد اس??اموفوبيا جي ڳڻتي جوڳي اضافي کي اجاگر ڪيو . جنهن ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون، تشدد ۽ ادارن پاران نا مناسب سلوڪ شامل آهي . پاڪستاني سفارتڪار اس??امو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن بابت گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي قراردادن جي تازي منظوري ۾ ترڪيه ۽ انڊونيشيا سان پاڪستان جي فعال ڪردار تي به زور ڀريو، جنهن ۾ اس??امو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي جي مقرري جو مطالبو پڻ شامل آهي. پاڪستاني قونصل جنرل غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي قدمن کي عالمي اس??امو فوبيا جي هڪ واضح عڪاسي قرار ڏيندي مذمت ڪئي جنهن سڄي دنيا ۾ مروج اس??امو فوبڪ واقعن تي روشني وڌي جنهن ۾ نفرت انگيز تقريرون، ٽارگيٽ حملن ۽ مسلمانن جي خلاف اڻبرابري جو سلوڪ شامل آهن. هن ڀارت ۾ مذهبي هنڌن جي منظم تباهي ۽ ان ملڪ اندر ٻين اس??امو فوبڪ ڪاررواين ڏانهن ڌيان ??ڪرايو. ان ??انسواءِ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت قابض فوج جي وڏي انگ ۾ موجودگي سان ??ڏوگڏ اڻبرابري وارين پاليسين طرف به اشارو ڪيو جنهن جو مقصد آبادياتي انجنيئرنگ ذريعي خطي جي آبادي جي بيهڪ کي مسلم اڪثريت کان هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي پروفيسر ڊاڪٽر ??ينيس بيرڪلي ۽ انڊونيشيا جي ڊاڪٽر ??مام شمس علي به اس??امو فوبيا ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملن جو جائزو ورتو ۽ ان ??ي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تجويز ڪئي. مقررن اس??امو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار سان ??ڏوگڏ ڪميونٽي شموليت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو.
پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا پاران وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں