رمله – 21 مارچ (اي پي پي) وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ جلد بک ۽ بيماريون فوتگين جو اصل سبب بڻجي وينديون. شنهوا مط??بق هن ايڪس تي جاري بيان ۾ لکيو آهي ته غزه ۾ پيدا ٿيندڙ ان خوفناڪ ڏڪار کي فوري امداد سان روڪي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ??سا?? کي اڳ کان وڌيڪ سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته غزه ۾ ڏڪار اچڻ وارو آهي ، خاص طور تي اتر غزه جي ڌار ڌار آبادين کي ان ڏڪار جو وڌيڪ خطرو آهي ڇو جو اهي ماڻهو بنيادي انساني امداد کان محروم آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??ذا??ي تحفظ لاءِ مربوط مرحلي جي درجه بندي سان نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته غزه ۾ 1.1 ملين تائين ماڻهن کي خوراڪ جي عدم تحفظ جي تبا??ي پ??يڙ??ندڙ سطح درپيش آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino