اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻه طرفي واپار زراعت، تعليم، صنعت ۽ توانائي جي ??عبن ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ??جل??س ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ قدمن سان اتفاق ڪيو آهي. اهو فيصلو ٻنهي ملڪن جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ??جل??س ۾ ڪيو ويو جيڪو ڪالهه توانائيءَ وا??ي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ تاجڪستان جي ??وانائي وا??ي وزير ديلر شوفاڪر ۾ ٿيو. ??جل??س جي ??روعات تي اقتصادي م??املن بابت سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ سهڪار جي وڏي گنجائش آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي ناتن تي زور ڀريو. ڊاڪٽر نياز 23-2022ع ۾ 23.46 ملين ڊالرن جي م??مولي ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي جي نشاندهي ڪئي ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڪ- تاجڪ بزنس ٽو بزنس فورم جو ذڪر ڪندي وڌيڪ واپاري موقعا تلاش ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڀريو. هن گڏيل ورڪنگ گروپس ذريعي خاص طور تي واپار، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي ??هڪار ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي به زور ڀريو ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي ??ميد جو به اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جي م??بوطيءَ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار لاءِ 13 ڊسمبر تي بزنس ٽو بزنس فورم جو اهتمام ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري تاجڪ وفد جي ??جيان ڪئي ۽ پاڪستان، تاجڪستان وچ ۾ پُراڻي، ويجهي ۽ خوشگوار ناتن تي زور ڀريو. هن تاريخي ناتن تي روشني وِجهندي چيو ته پاڪستان 1991ع ۾ تاجڪستان جي ??زاديءَ کي تسليم ڪرڻ وارو پهريون ملڪ هو ۽ ٻنهي ملڪن گڏيل مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي طور تي جڙيل آهن. اويس لغاري ٻنهي ملڪن لاءِ واپار، توانائي، زراعت ۽ صنعت لاءِ فائديمند شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي پاڪستاني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تاجڪستان پاڪستان عارضي واپاري م??اهدي تحت جا??ي واپار کي هٿي ڏيڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ تي گڏيل رابطه ڪميٽيءَ جي قيام لاءِ لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ??هميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير وچ ۽ اولهه ايشيا جي ??نگم تي پاڪستان جي ??اگرافيائي بيهڪ جي ??هميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تاجڪ سيڙپڪاري لاءِ مثالي موقعا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته ان سان گڏوگڏ سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن پروگرام ڪاريڪ تحت واپاري راهدارين ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪاسا 1000 توانائي منصوبو تيزيءَ سان پورو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن کي خاطرخواه فائدو پهچندو. ماڻهن وچ ۾ ناتن جي ??هميت کي تسليم ڪندي هن سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ تاجڪ شهرين کي پاڪستان جو قدرتي حسن کي ڏسڻ جي ??عوت ڏني. هن آخر ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڪميشن جي ڳالهين مان ٻه طرفن ناتن کي م??بوط بنائڻ ۽ اقتصادي ناتا گهرا ڪرڻ لاءِ ٺوس سفارشون سامهون اينديون. تاجڪستان جي وزير پنهنجي ??طاب ۾ پنهنجي ۽ وفد جي ??اندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تاريخي ناتن کي تسليم ڪيو جيڪو گڏيل قدرن، ثقافتي ورثي ۽ علائقائي خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن تي قائم آهي. وزير دير شوفاڪر ٻه طرفن ناتن ۾ نمايان اڳڀرائي کي تسليم ڪندي ساراهيو. هن خاص طور تي توانائي، زراعت، تعليم ۽ صنعت جهڙن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ گڏيل فائدن جي ??ي پناهه امڪانن تي زور ڀريو. تاجڪ وزير چيو ته اميد آهي ته ڪاسا هزار توانائي منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿيندو جنهن سان ٻنهي ملڪن کي خاطرخواه فائدو ٿيندو. پاڪستان تاجڪستان گڏيل ڪميشن جي پهرين ڏينهن ??جل??س ۾ اڳڀرائي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي ٻن تاريخي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ پروٽوڪولز تي صحيح ڪئي. پهريون ايم او يو ڪي پي ڪي صوبي ۽ تاجڪستان جي ??تلون صوبي وچ ۾ تاريخي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ آهي جنهن سان تعاون ۽ گڏيل ترقيءَ جي ??اهه هموار ٿيندي. ٻي ايم او يو سان پاڪستان ۽ تاجڪستان فوٽ بال فيڊريشنز وچ ۾ تعاون کي هٿي ملندي، جيڪا ٻنهي ملڪن ۾ راندين جي منظرنامي کي بلند ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گڏيل ڪميشن جي گڏيل سربراهن سردار اويس لغاري ۽ ديلر شوفا ڪر اقتصادي تعاون وڌائڻ ۽ واپاري م??ئلن جي ??ل جي ??ڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ نوڪيلائي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ جي ??زم تي زور ڀريو ويو.
پاڪستان تاجڪستان ستين گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ اهم مفاهمت نامن، پروٽوڪولز ۽ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2