اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي بيورو آف انٽرنيشنل نارڪو ٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرز (آءِ اين ايل) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ آمريڪا جي نائب سفير نيٽلي بيڪر، ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ اين ايل لائن نيلسن، پوليس ايڊوائيزر ايڊ پريسٽن ۽ پوليس پروگرام اسپيشلسٽ فيصل گل به شامل هو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان ج?? پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ آءِ اين ايل غير معمولي سهڪار فراهم ڪري ره??و آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي اهم منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. چاهيون ٿا ته ان سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ۽ پائيدار بنيادن تي قائم ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ذريعي سڀ کان ??هرين انتهائي اهميت وارن منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي. محسن نقوي چيو ته ايف آءِ اي پاڪستان جو انتهائي اهم جاچ ادارو آهي، چاهيون ٿا ته ايف آءِ اي کي آءِ اين ايل جي سهڪار سان ايف بي آءِ جي طرز تي متحرڪ ادارو بڻايو وڃي. پاڪستان ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهو منصوبو هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ انتهائي ضروري آهي ته جيئن ان کي هڪ عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائي سگهجي. هن چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيلبري سڄي پاڪستان ۾ ريزور پوليس جو ڪردار ادا ڪري ره?? آهي، ان ??ورس کي به جديد بنيادن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، انهن سمورن معاملن ۾ اسان ??اءِ سڀني کان اهم آمريڪا جي تجربي مان ??ائدو کڻڻ آهي. هن چيو ته منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ به هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. آمريڪي وفد طرفان دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ??فس??س جو اظهار ڪيو ويو. آمريڪي نائب سفير ٻڌايو ته آءِ اين ايل 42 سالن کان ??اڪستان جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري ره??و آهي. خواهش آهي ته ان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻايو وڃي.پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ ئي آمريڪا جي سيڪيورٽي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز