اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي س??ڪي??رٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي به??در جوانن جي جرئت ۽ به??دري جي ڪري ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زمين تان مڪمل خاتمو اسان جي اولين ترجيح آ??ي. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ س??ڪي??رٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نت??جي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2