اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيه?? وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آذربائيجان جي پرڏيه?? وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن ش??بن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي م??بوط بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيه?? وزير بيراموف گهڻ رخي فورم?? تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيه?? وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد