مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃي?? تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ ??رصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذ??يو??رين تان هٿ نٿو کڻي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت سدائين جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صفي، سيد فيض احمد نقشبندي، الطاف حمد ڀٽ، شهزاد واني، اعجاز رحماني، زاهد اشرف ۽ الطاف حسين واني شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو وز??راعظم چوڌري انوارالحق ۽ وفاقي وز??ر پڻ موجود هئا. حريت اڳواڻ?? آ??اد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان وز??راعظم جي ڪردار تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. حريت اڳواڻن ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وفد سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته پاڪستن ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت سدائين جاري رکندو. هن چيو ته گيمبيا ۾ ٿيندڙ او آءِ سي اجلاس ۾ پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڌيڪ ??هتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز وڌيڪ ??هتر طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وز??راعظم ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وز??ر انجنيئر امير مقام کي حريت اڳواڻن سان رابطا وڌيڪ ??هتر بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وز??راعظم چيو ته اسان واضح طور تي ڀارتي غيرقانوني طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃي?? تڪرار آهي، جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ ??رصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. وز??راعظم چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذ??يو??رين تان هٿ نٿو کڻي سگهي.
ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی