??سل??م آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ شهيدن کي خراج عقيدت ۽ انه?? جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو عنوان ”بي حرمتي انه?? جي گوارا ناهي، هاڻ ٻيهر ائين ٿيڻ نه ڏب??“ ??و. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن تقريب ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. شهيدن جا پونئير جڏهن تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتا ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي سيٽ تان اٿي انهن جو استقبال ڪي??. تقريب جي شروعات قومي ترانو ۽ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي. وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ جي لکين ٻارن کي شهيد ٿيڻ کان بچايو. شهيدن دليري ۽ جرئت سان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. تقريب ۾ شهيدن جي وارثن تمام همت ۽ حوصلي سان پنهنجي پيارن جا داستان ٻڌايا. ميجر منيب افضل شهيد جي والد مير افضل خٽڪ حاضرين کي پنهنجي پٽ جي زندگي، خيالن، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جذبن کان آگاهه ڪي??. هن ٻڌايو ته شهيدن ۾ ملڪ ۽ قوم جي دفاع جو بي انتها جذبو ڏٺو وڃي ٿو، اولاد جو ڏک الله ڪنهن کي نه ڏيکاري، جنهن راهه ۾ اسان جا پٽ شهيد ٿيا ان تي اسان کي فخر آهي. شهيد ميجر منيب افضل جي والد چيو ته اسا?? جي شهيدن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن. تقريب کي آءِ جي ??سل??م آباد علي ناصر رضوي پڻ خطاب ڪي??. واضح رهي ته علي ناصر رضوي 9 مئي 2023ع تي پنهنجي فرض?? جي ادائيگي دوران پنهنجي اک وڃائي ويٺو هو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي ??سل??م آباد شهيدن جي وارثن کي سلام پيش ڪندي چيو ته 9 مئي 2023ع جو ڏينهن نه ٿا وساري سگهون. هن چيو ته ڪجهه شرپسند هڪ پوليس آفيسر جي اک کسي وٺندا ته ڇا اهو جذبو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن جا ڪنڌ هيٺ ۽ اسان جا ڪنڌ فخر سان بلند آهن، اسان شرپسند عنصر?? جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين. هن چيو ته شرپسندن پاران ڏنل زخم اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين. تقريب کي ڪرنل سهيل عابد شهيد، ميجر اڪبر اعواڻ شهيد جي بيواهن ۽ ڪي??ٽن ڪاشف شهيد جي والده پڻ خيالن جو اظهار ڪي??. شهيد ميجر اڪبر اعواڻ جي بيواهه چيو ته شهيد سدائين زندهه رهن ٿا، ميجر اڪبر اعواڻ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به هن ملڪ ۽ قوم تي نڇاور ڪي??، هاڻي وقت آهي اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي سنواريون، پاڪستان کي ان مقام تائين وٺي وڃون جو شهيدن جا خاندان فخر ڪن. هن چيو ته پاڪ فوج اسان کي هڪ لمحو به اڪيلو نه ڇڏيو. شهيد ڪرنل سهيل عابد جي گهرواريءَ چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن. شهيد ڪي??ٽن ڪاشف جي والده تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي پٽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪئي، پٽ جي شهادت منهنجي لاءِ فخر آهي، ڪاشف جهڙا بهادر پٽ هجن ته ڪو به دشمن ملڪ طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن اسان کي تمام گهڻو ڏک ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي يادگار?? جي بي حرمتي سان دلي ڏک ٿيو، شهيدن جي يادگار?? جي بي حرمتي ڪا به قوم برداشت نه ٿي ڪري سگهي. تقريب ۾ گلوڪار ۽ نغمه نگار جابر عباس جي آواز ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ترانو پڻ جاري ڪي?? ويو. اهو ترانو وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي هڪ اهڙي خيال تي تيار ڪي?? ويو آهي ته جيڪڏهن شهيد اسان کي ڪجهه چئي سگهي ته اهو ڇا ٿو چئي سگهي. جابر عباس جي دبنگ آواز ۾ ان سوچ کي تراني جي شڪل ڏني وئي آهي. تقريب ۾ گلوڪار عاطف اسلم جي آواز ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ نغمو پڻ پيش ڪي?? ويو جڏهن ته ميڊم نورجهان جو پاڪ فوج جي عقيدت ۾ ڳايل نغمو ”اي پتر هٽان تي نئي وڪدي“ گلوڪار هاديه هاشمي پيش ڪي??. ناليواري گلوڪار شيراز اُپل پڻ تقريب م خيالن جو اظهار ڪي?? ۽ پنهنجي شهيد والد جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪي??. شيراز اُپل چيو ته شهيد جو پٽ هجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته 9 مئي جا واقعا ڏسي دل تڪليف ٿي، ملڪ جي لاءِ جاني?? جي قرباني ڏيندڙ?? جي قدر ڪرڻ گهرجي. شيراز اُپل 9 مئي جي حوالي سان پنهنجو گيت پڻ تقريب ۾ ڳايو، ”وطن ميري“ عنوان سان گيت جي موسيقي پڻ شيراز اُپل پاڻ ڏني آهي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سميت وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سيڪريٽري اطلاعات شاهيره شاهد، پي آءِ او مبشر حسن، پاڪ فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادار?? جي آفيسرن، جوانن ۽ شهيدن جي پونئير?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ شهيدن کي خراج عقيدت ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری