اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ر?? وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشن?? انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان دوري ۾ نيشن?? انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپريشنز بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي بي ۽ اطلاعات ۽ نشريات و??ر?? وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي اد??رن جي صلاحيتن کي وڌيڪ فائدمند بڻائڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف اد??رن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي اد??رن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد جو اين آءِ ٽي بي جو دورو
مضمون کا ماخذ : números dupla sena