اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??لا??يشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ??لا??يشيا سان واپاري ۽ س??ارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2