لاهور-08 فيبروري (اي پي پي)پنجاب جي صوبائي گادي واري هنڌ لاهور جي پولنگ اسٽيش??ن تي مجموعي طور پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري رهيو، شهرين وڏي انگ ۾ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيو، پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عورتن، ٻارن جو وڏو انگ موجود هو، جڏهن ته ڪجهه پولنگ اسٽيش??ن تي وڏي عمر جون عورتون ۽ مرد ويل چيئر تي ووٽ ڏيڻ آيا. خبر موجب لاهور جي مختلف علائقن ڪوئين ميري ڪاليج، ڳڙهي شاهو، ماڊل ٽائون، سنت نگر، اسلام پوره، گوالمنڊي، ا??هرا، مصري شاهه سميت ٻين علائق?? ۾ ??ولنگ اسٽيش??ن تي رش رهي، ان موقعي تي ووٽرز پنهنجا تاثر ڏيندي چيو ته اسان کي ووٽ وجهڻ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پيو، مختلف پولنگ اسٽيشنز جي پرزائيڊنگ آفيسرن ٻڌايو ته چونڊ عمل پرامن طور جاري رهيو، سول ۽ پوليس انتظاميه طرفان مڪمل سهڪار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ انهن جي پولنگ ايجنٽن جو به ڀرپور تعاون رهيو، اندروني شهر سميت شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مفاصلي تي قائم اميدوارن جي ڪيمپن ۾ انهن جا بينرز ۽ چونڊ نشان لڳل هئا، ان موقعي تي ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ سيڪ??ور??ي فورس جي اهلڪارن جا جٿا موجود هئا، ان کانسواءِ پنجاب ريسڪيو سروس 1122 جا اهلڪار به پنهنجي حفاظتي ڪٽس سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا. ٻئي طرف شهر جي مختلف پولنگ اسٽيش??ن تي اميدوارن طرفان لڳايل ڪيمپ?? ۾ ??ن پهرن جي ماني جو به بندوبست ڪيو ويو.
لاهور جي پولنگ اسٽيشنن تي مجموعي طور پولنگ جو عمل پرامن طور جاري رهيو
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں