اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پيمرا جي چيئرمين م??مد سليم بيگ جي وڏي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي ت?? تعزيت جي لاءِ پيمرا چيئرمين جي آفيس ويو ۽ پيمرا چيئرمين م??مد سليم بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي ت?? تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ا??صال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين جي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ا??سوس ٿيو. مرحوم جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي وڏي عرصي تائين ڀري نه ٿو سگهجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن م??ڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ظفر بيگ کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي پيمرا جي چيئرمين سان سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : sorteios quina